- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
2 ڏينهن اڳ ڳوٺ مير ڪوش ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ امام الدين ڪوش زخمي ٿي پيو هو.
زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اپستال منتقل ڪيو ويو هو.
زخمي امام الدين ڪوش رحيم يار خان جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اطلاع ملڻ بعد کنڀڙا پوليس نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اوٻاوڙي جي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ڪوش برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.- Advertisement -
