ايران جي صوبي سيستان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي 9 پاڪستاني شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ايران جي صوبي سيستان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي 9 پاڪستاني شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو. ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستاني سفارتخانو سوڳوار خاندان جي مڪمل مدد ڪندو، جڏهن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پنجن ڄڻن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ايران ۾ پاڪستاني شهرين جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي طرح جي بزدلاڻن حملن سان پاڪستان کي دهشتگردي سان وڙهڻ جي عزم کي روڪي نه ٿو سگهجي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اهو هڪ دردناڪ ۽ نفرت جوڳو واقعو آهي، هو اهڙي طرح جي واقعي جي مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهن، واقعي جي فوري جاچ ڪرڻ ۽ ملوث ماڻهن کي فوري وائکو ڪري گرفتار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته زاهدان ۾ سندن قونصلر اسپتال وڃي رهيو آهي جتي زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، هو مقامي اختيارين سان به ملاقات ڪندو ۽ سخت ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته ان سنگين معاملي تي پوري طرح آگاهه آحن ۽ سمورا ضروري قدم کڻندا، پاڪستاني سفارت خانو لاش جلد واپس آڻڻ لاءِ پوريون ڪوشش ڪندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38%
2.2m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون