- Advertisement -
پي ايس 7 جي پ پ اميدوار امتياز احمد شيخ چيو آهي ته 8 فيبروري پ پ مخالفن جي شڪست ۽ شڪارپور جي ترقيءَ جي تسلسل جو ڏينھن ھوندو.
شڪارپور جي صوبائي تڪ پي ايس 7 جي پ پ اميدوار امتياز احمد شيخ ۽ اين اي 193 تي پ پ اميدوار شهريار خان مهر جي چونڊ ورڪ جي سلسلي ۾ قاضي نعيم اڪبر پاران جلسو منعقد ڪيو ويو.
جلسي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، غوث بخش مھر، فراز امتياز شيخ، سردار جاڳڻ ڀيو، ڪامران مھر، ذولفقار ڪماريي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جلسي کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته امتياز احمد شيخ شڪارپور رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، پ پ اميدوار سڄي سنڌ مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ترقي جو سفر جاري رکندا.
پي ايس 7 جي پ پ اميدوار امتياز احمد شيخ چيو ته شڪارپور جو عوام پ پ مخالفن کي ناڪام بڻائيندو، مخالف شڪست ملڻ بعد پنج سال گم ٿي وڃن ٿا، عوام ڏک سک ۾ گڏ رھندڙ اڳواڻن کي سڃاڻي ٿو.
هن چيو ته شڪارپور جا شعوروند ماڻھو سمجھن ٿا ته شڪارپور شهر سميت سڄي سنڌ پ پ جي دور ۾ ترقي طرف وڌي رھي آھي، 8 فيبروري پ پ مخالفن جي شڪست ۽ شڪارپور جي ترقيءَ جي تسلسل جو ڏينھن ھوندو.
جلسي بعد پ پ اميدوار امتياز شيخ مير محمد پهوڙ، فهيم اختر سومري، سردار جمال الدين جهلڻ، دنيش ڪمار وڪيل ۽ حسيب مگسي جي ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي…- Advertisement -
