- Advertisement -
ايران ۾ چوڏهين صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.
نئين ايراني صدر جي چونڊ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ ايراني وقت موجب صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
صدارتي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جن ۾ سعيد جليلي، محمد باقر، مسعود پزيشڪيان ۽ مصطفيٰ پور محمدي شامل آهن.
ايران جي صدارتي چونڊ ۾ ڪابه عورت اميدوار ناهي.
اسلامي جمهوريه ايران ۾ عورتن کي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي.
ايراني ميڊيا موجب، ايران ۾ 6 ڪروڙ 10 کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.
صدارتي چونڊ جي قطعي نتيجن جو اعلان ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
ايران ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت بعد وقت کان اڳ صدارتي چونڊ ٿي رهي آهي.- Advertisement -
