- Advertisement -
ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ساٿين جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ساٿين جي آخرت جو سفر، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني صدر ۽ ساٿين جا مڙهه جهاز ذريعي تبريز کان تهران آندا ويا، ايئر پورٽ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ساٿين جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تهران ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي جنازي نماز پڙهائي.
جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
خميس ڏينهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تدفين مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي جي اڱڻ ۾ ڪئي ويندي.
هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ساٿين جي لاڏاڻي تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنجن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
اڱاري ڏينهن ايراني صدر ۽ ساٿين جي آخري رسمن جي شروعات تبريز ۾ ٿي، تبريز ۾ به ابراهيم رئيسي ۽ ساٿين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪئي هئي.
تبريز ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ابراهيم رئيسي ۽ ساٿين جا مڙهه تهران منتقل ڪيا ويا هئا.
آخري رسمن جي سلسلي ۾ ايران ۾ به تعزيتي اجتماع جاري آهن، تهران، نجف، تبريز ۽ ٻين شهرن ۾ به سوڳوار وڏي انگ ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
