- Advertisement -
متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي گڏيل اميدوار آصف علي زرداري جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي صدارتي اليڪشن ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا، ملاقات دوران ايم ڪيو ايم صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو خاطري ڪرائي.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ صدارتي چونڊ اهم مرحلو آهي، بلاول ڀٽو جي اچڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي، هو ساڻس گڏ آهن ۽ ايم ڪيو ايم صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري کي ووٽ ڏيندي.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ صدارتي چونڊ اهم مرحلو آهي.
خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته کين اميد آهي ته آصف زرداري تاريخي ووٽ وٺڻ کانپوءِ چونڊجي ويندو، جمهوريت جا اثر عوام تائين پهچندا، جمهوري قوتن کي اختلافن باوجود ڳالهيون جاري رکڻ گهرجن، پاڪستان جي ترقي ۽ تعمير سڀني جي اولين ترجيح هجڻ گھرجي.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ايم ڪيو ايم جي حمايت تي ٿورائتو آهي، سڀ گڏجي آصف علي زرداري کي وڏي اڪثريت سان کٽرائيندا.
هن وڌيڪ چيو ته نئين حڪومت ڪراچي تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيندي، هو سمورن اتحادين سان گڏجي هلڻ چاهين ٿا.- Advertisement -
