- Advertisement -
اين آءِ سي وي ڊي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مالي سال 2020-21 دوران دل جي ميجر سرجري ۾ ڪم ايندڙ “اسٽينٽس” جي خريداري تي هڪ ارب 19 ڪروڙ 51 لک 21 هزار رپيه خرچ ڪري ڇڏيا آهن.
رپورٽ موجب “اسٽينٽس” مک اسٽور کان مختلف اسٽورن، ڪيٿ ليبز، سيٽلائيٽ سينٽرن ۽ او ٽي اسٽورن تائين رڪارڊ موجب فراهم ڪيا ويا.
رپورٽ موجب لاڳاپيل اسٽور ليب انچارجن طرفان فراهم ڪيل شين جي مقدار ۽ وضاحت کي ظاهر ڪندڙ رسيدون آڊٽ لاءِ مهيا نه ڪيون ويون.
آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي انتظاميه طرفان 92 ڪروڙ 70 لک 49 هزار رپين جي گورننگ باڊي جي منظوري کانسواءِ غير منظم منتقلي ڪئي وئي.
آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ڪامورن جي سفري خرچ جي مد ۾ 4 ڪروڙ، 31 لک، 96 هزار رپيه خرچ ڪيا ويا، پر خرچن جا تفصيل مهيا نه ڪيا ويا.
آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالمعيد جو غير قانوني طور ڪانٽريڪٽ وڌائي 2 ڪروڙ 7 لک 60 هزار رپين جو نقصان ڪيو ويو.
رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي ۾ دوائن جي مد ۾ ٺيڪيدار سان سمجهوتي طور 5 ڪروڙ 56 11 هزار رپيه جي خريداري ڏيکاري وئي.- Advertisement -
