اٽلي جي سفير ۽ قونصل جنرل سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سان گڏجي تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جو دورو

- Advertisement -
اٽلي جي سفير مارلينا آرملين ۽ قونصل جنرل  ڊينيلو سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه سان گڏجي تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جو دورو ڪيو. اٽلي جي وفد تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جي دورو ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي. صوبائي وزير ذوالفقار شاهه اٽاليءَ جي وفد کي چوڪنڊي قبرستان جي تاريخ بابت آگاهه ڪيو. اٽاليءَ جي وفد چيو ته سنڌ جي تاريخي لحاظ کان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت آهي. صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائي سياحن کي سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرڏيهي سياح وڏي تعداد ۾ سنڌ جي تاريخي ثقافتي سياحتي مرڪزن جو دوو ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ۽ سردار شاهه مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ موئن جي دڙي جي نوادرات جا ماڊلز تحفي ۾ پيش ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
34%
2.3m/s
7%
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون