- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ آءِ ايم ايف کي خط 22 ڪروڙ عوام تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي خط زبردستي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، قرض نه مليو ته سرڪاري ملازمن سان گڏ عام ماڻهو به بک مرندو، پ پ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل آهي، عوامي مئنڊيٽ جعلي قرار ڏيندڙن کي سامهون اچي مقابلو ڪرڻ گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ اسمبلي ۾ ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت ملي آھي اسپيڪر لاءِ سيد اويس شاھه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نويد انٿوني کي نامزد ڪيو ويو آھي.
سندس چوڻ هو ته عوام پيپلزپارٽي کي سٺي موٽ ڏني آھي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، سندن سوچ ۽ منشور چونڊن کان اڳ به ساڳيو ھو ۽ ھاڻي به ساڳيو آھي.
اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پارٽي ليڊر شپ سڀني کي ھڪ پيج تي آڻڻ چاھي ٿي ڪجھه وڳوڙي امن نه ٿا چاھن ھڪ ڳوڙي پارٽي آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو چيو آھي ۽ خط جو مقصد 9 مئي تي جيڪو ڪجھه ٿيو اھو گھٽ ھو ۽ ھاڻي ان کان وڌيڪ ڪندا.
هن چيو ته ڇا کين اندروني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي چئي سگھجي ٿو، پر آءِ ايم ايف ڪڏھن به ائين نه ڪندي جيڪڏھن ائين ٿيو ته ملازمن سان گڏ عام شھري به بک مرندو.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ڪوبه سياسي اڳواڻ ۽ محب وطن اھو نه چاھيندو، 9 مئي تي پاڪستان جي سرڪاري عمارتن کي نقصان پھچايو ويو ان سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته اليڪشن سڀني ڏٺي آھي جيڪو سندن مينڊيٽ کي جعلي چوي ٿو اھو اچي مقابلو ڪري عوام ڏکي وقت ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل آھي.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ٻوڏ ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو، 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيئن مينڊيٽ مليو، هو سڀني کي گڏ کڻي ھلندا، پاڪستان ۾ ڪنھن کي به چونڊن تي خدشا ٿي سگھن جن کي خدشا آھن کين عدالتن ۾ وڃڻ گھرجي.- Advertisement -
