تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڌرڻن جي سياست ملڪ کي نقصان پهچايو آهي: نثار کهڙو

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ڌرڻن جي سياست ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، جي ڊي اي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ڌرڻا هڻي وقت ضايع نه ڪري ۽ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪري. سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي جو مينڊيٽ فارم 45 تي ٻڌل آهي، مينڊيٽ تي اعتراض ڪندڙ  ۽ ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ عدالتن ۾ ثبوت پيش ڪن. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ عوام جي توهين ڪري رهيا آهن، جن پارٽين کي عوام رد ڪيو آهي ته ڌرڻا هڻي عوام جي توهين نه ڪن. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته جيڪي ماڻهو پيپلزپارٽي جي مينڊيٽ کان خوش ناهن، اصل ۾ اهي عوام کان خوش ناهن، پ پ مخالف پارٽين جا ڌرڻا ۽ احتجاج بنا جواز آهن، ڌرڻن جي سياست ۽ ڏڦيڙ ملڪ توڙي سياست کي ڪمزور ڪندا. هن چيو ته ڌرڻا هڻڻ سان عوام جي زندگي متاثر ٿيندي آهي، سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهيو ۽ سنڌ اسيمبلي پاڪستان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته پهريان به هي پارٽيون اتحاد ٺاهڻ باوجود 5 کان 6 سيٽون کٽي سگهيون، جي يو آءِ ته سنڌ ۾ ڪڏهن ڪاميابي حاصل ئي ناهي ڪئي، وڏو پير پاڳارو به چونڊن ۾ هاريندو رهندو هو. نثار کهڙي چيو ته سڄي ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون وجود ۾ اچي رهيون آهن، پارليامينٽ ۽ اسيمبليون وجود ۾ هونديون ته جمهوريت لاڳو ٿيندي، جمهوريت ئي مسئلن جو حل آهي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته حافظ نعيم الرحمان سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جو قسم کڻڻ چاهي ٿو ته اچي قسم کڻي ۽ ڌرڻن بدران اسيمبلي ۾ آواز اٿاري. نثار کهڙي چيو ته وفاق ۾ ڪابه پارٽي اڪيلي حڪومت نٿي ٺاهي سگهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ٻيهر چونڊون نه ٿين، ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪنديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
31 %
2.1kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون