- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آڊيو ليڪ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
آڊيو ليڪ ڪيس کي جسٽس بابر ستار جي عدالت مان منتقل ڪري جسٽس اعظم خان جي عدالت ۾ مقرر ڪيو ويو.
ڪيس جي اها منتقلي جسٽس بابر ستار جي سنگل بينچ جي ختم ٿيڻ سبب عمل ۾ آئي آهي.
ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب ۽ اڳوڻي
خاتون اول بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي سڀاڻي جسٽس اعظم خان ڪندو.
- Advertisement -
