باقراڻي ويجهو بروهي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هٿياربندن ڀاءُ ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
باقراڻي ويجهو بروهي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هٿياربندن ڀاءُ ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سندن ماءُ زخمي ٿي پئي. ڳوٺ حيدر بروهي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 32 سالن جو نديم پٽ مرحول الاهي بخش بروهي ۽ سندس ڀيڻ فضيلا مارجي ويا، سندن ماءُ 60 سالن جي قائم خاتون زخمي ٿي پئي. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي وئي ۽ زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته عورت قائم خاتون ڳوٺ جي استاد دوست محمد بروهي سان پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن بعد ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ڌرين ۾ راڄوڻي ٺاهه پڻ ٿيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
44%
3m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون