تازه ترين

مسلم ليگ نون، ”پاڪستان کي نوازيو“ جي سلوگن سان چونڊ منشور جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مسلم ليگ نون، ”پاڪستان کي نوازيو“ جي سلوگن سان چونڊ منشور جاري ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور جاري ڪندي چيو ته ننڍن هارين کي بنا وياج قرض فراهم ڪندا، فصل جي نقصان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا ۽ سمورين سرڪاري آفيسن کي ماحول دوست بڻايو ويندو. چونڊ منشور ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيندا، آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، عدالتي، قانوني، پنچائت سسٽم ۽ تڪرارن جي حل جو متبادل نظام هوندو، عدالتي، قانوني ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارا آندا ويندا، بروقت ۽ موثر عدالتي نظام لاڳو ڪيو ويندو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته وڏن ۽ مشڪل ڪيسن جو هڪ سال اندر فيصلو ٿئي. مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو ته ننڍن ڪيسن جو ٻن مهينن اندر فيصلو ڪيو وڃي، نيب جو خاتمو ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن ادارن ۽ ايجنسين کي مضبوط ڪيو ويندو، ضابطه فوجداري 1898 ۽ 1906 ۾ ترميم ڪئي ويندي، اثرائتي، منصفاڻي ۽ بروقت پراسيڪيوشن ٿيندي. مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو آهي ته عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري ويندي، ڪمرشل عدالتون قائم ڪيون وينديون، سمنڊ پار پاڪستانين جي عدالتن کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو ويندو، عدليا ۾ ڊجيٽل نظام قائم ڪيو ويندو، مالي سال 2025 تائين مهانگائي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، چئن سالن ۾ مهانگائي 4 کان 6 سيڪڙو تائين آندي ويندي. چونڊ منشور ۾ چيو ويو ته پنجن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي هڪ ڏهائي 5 سيڪڙو تائين تائين ڪئي ويندي، پنجن سالن ۾ هر سال شيون ٻاهر موڪلڻ جو حدف 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون