برازيل ۾ انوکو واقعو :مئل شخص ذريعي قرض وٺڻ لاءِ عورت بينڪ پهچي وئي

- Advertisement -
برازيل ۾ ھڪ انوکو واقعو پيش آيو جتي ھڪ مئل شخص جي ذريعي بينڪ ۾ قرض وٺڻ لاءِ عورت پهتي. پرڏيھي ميڊيا رپورٽس موجب اھو واقعو برازيل جي رياست ريو ۾ پيش آيو، جتي ھڪ عورت وھيل چيئر تي پنھنجي 68 سال جي پيرسن کي بينڪ قرض وٺڻ لاءِ پھچي وئي جيڪو بي جان ۽ بي وس ھو. ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته عورت بينڪ مان 3 ھزار 250 ڊالر جو قرض وٺڻ وئي ھئي، جنھن جي ويڊيو بينڪ ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمري ۾ محفوظ ٿي جيڪا خبرن سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا جي به زينت بڻيل آھي ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ته عورت پنھنجي مئل مائٽ کي بار بار قلم پڪڙائي قرض وٺڻ لاءِ سائن  جو چئي رھي ھئي قلم نه پڪڙڻ ۽ اکيون بندٿيڻ تي بينڪ نمائيندي کي تشويش ٿي جنھن تي عورت کان سوال جواب شروع ڪيا ۽ پوليس کي طلب ڪيو ميڊيا رپورٽس جي موجب پوليس بينڪ پھچي عورت کي گرفتار ڪيو ۽ گڏ  مئل پيرسن شخص کي سرد خاني منتقل ڪيو ميڊيا رپورٽس جي موجب عورت وڪيل جي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو 68 سال شخص بينڪ ۾ فوت ٿي ويو ھو، جنھن مان عورت کي ڄاڻ نه ھئي ، جڏھن ته پوليس جي فارنزڪ رپورٽ جي موجب پيرسن شخص جي فوتگي ڪجھھ ڪلاڪ پھريان ٿي ھئي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
19%
2.7m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون