- Advertisement -
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بسن جي نئين کيپ ڪراچي پورٽ پهچي وئي آهي، جلد نوان روٽ شروع ڪيا ويندا.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ويهن بسن جي نئين کيپ ڪراچي پورٽ پهچي وئي آهي، انشاءَ الله سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو جلد نوان روڊ شروع ڪندو.
هن چيو ته سندن مقصد عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ ٽرانسپورٽ کاتو ڪم ڪري رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سندن ڌيان عوام جي خدمت ۽ صوبي جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ تي آهي.- Advertisement -
