تازه ترين

بلوچستان جي علائقي مچ ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو وڏو حملو ناڪام

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مچ ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو وڏو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 5 دهشتگرد مارجي ويا،  جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته  دهشتگردن مچ تي ٽن پاسن کان حملو ڪيو جيڪو ناڪام بڻايو ويو آهي، حملي ۾ ڪنهن به ٿاڪ کي نقصان نه پهتو آهي. ذريعن موجب، مچ ۾ بي ايل اي جي دهشٽگردن فائر ريڊ جي ڪوشش کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻايو. سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 5 دهشتگرد مارجي ويا. سڪيورٽي فورسز کي پهريان ئي دهشتگردن جي حملي جو اطلاع ملي ويو هو جنهن بعد فورسز دهشتگردن لاءِ تياري ڪئي هئي. دهشتگرد سڪيورٽي فورسز طرفان اثرائتي ڪارروائي تي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا. سڪيورٽي فورسز فرار ٿيل دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو. ماهرن موجب، هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت ۽ بي ايل اي ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي پروپيگنڊا کي شڪست ملي. بلوچستان جي نگران اطلاعات واري جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته  دهشتگردن مچ تي ٽن پاسن کان حملو ڪيو جيڪو ناڪام بڻايو ويو آهي، حملي ۾ ڪنهن به ٿاڪ کي نقصان نه پهتو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون