تازه ترين

بلوچستان جي ڏهن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي

- Advertisement -
بلوچستان جي ڏهن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان موجب صوبائي حڪومت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي. بوالا جي علائقن ڍاڍر، مچ، ڀاڳ، سني، کٽڻ ۽  بالا ناڙي تيز برسات بعد پاڻي سبب ميچ ۾ هيرڪ ۽ اين 65 روڊ تي مڪمل ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. بلوچستان جي پي ڊي ايم ايَ ست جون کان هيل تائين ٿيل نقصانن جي نئين رپورٽ پڻ جاري ڪئي آهي. صوبي ۾ چوماسي جي برساتن سان مختلف واقعن ۾ 37 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ 17 مرد، 19 ٻار  ۽ هڪ عورت شامل آهي. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن  ۽ ٻوڏ سبب 866 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا، 13 هزار 896 کي جزوي طور نقصان پهتو، تقريبن هڪ لک 9 هزار ماڻهو متاثر ٿيا. پي ڊي ايم اي َ جي رپورٽ موجب برساتن سبب ست پليون ۽ 58 روڊ متاثر ٿيا، برساتن دوران وڄ ڪرڻ جي  مختلف واقعن ۾ 401  جانور مري ويا، ٻوڏ جي پاڻيءَ صوبي ۾ 59 هزار ايڪڙ تي بيٺل فصل کي نقصان پڻ پهچايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
65 %
1.2kmh
93 %
خميس
22 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
29 °

تازه ترين خبرون