- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي را فنڊنگ ڪي رهي آهي.
ڪوئٽا ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته هو دلير اي ٽي ايس جي جوانن کي سلام پيش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته خدمت هر فيلڊ ۾ رهندڙ ماڻهو ڪري رهيا آهن پر ملڪ لاءِ رت وهائڻ عظيم ماڻهن جو ڪم آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جو دشمن بزدل آهي ۽ چالاق آهي، دشمنن کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را فنڊنگ ڪري رهي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته را دشمنن کي معصوم ماڻهن جي رتوڇاڻ تي لڳائيندي آهي، جنگ جي پڄاڻي ڪجهه به ناهي، بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو نه ٿو مڙهي سگهجي، پاڪ فوج ۽ جوان گڏجي سندن ارادن کي ناڪام ڪندا.
هن چيو ته دشمن جي خواهش هئي ته ٽريننگ اسڪول بند ٿي وڃي پر هلي رهيو آهي، ملڪ جا اسڪول آباد آهن، دشمنن پارڪن ۽ اسپتالن تي حملو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته غازين کي همت ۽ دلير سان مقابلو ڪرڻو آهي، پاڪستان قيامت تائين قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي، ڪو هڪ انچ کي به نقصان ٿو پهچائي سگهي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته جوانن کي روڊن ۽ ادارن جي حفاظت ڪرڻي آهي، دهشتگردن جي اکيون اکين ۾ وجهي مقابلو ڪرڻو آهي.
هن چيو ته اي ٽي ايف اسڪول ۾ سولر سرچ لائٽون لڳايون وينديون، سموري اي ٽي ايف اسڪول ۾ ٿرمل ڪيمرائون لڳايون وينديون، ٿرمل ڪئمرائين جي رينج ٻن کان اڍائي ڪلوميٽرن تائين هوندي.- Advertisement -
