- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي رعايت نه ملندي، معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.
بلوچستان ڪابينا کي خطاب ڪندي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي صوبي جي عوام مذمت ڪئي آهي، دهشتگرد آسان هدفن کي نشانو بڻائيندا آهن.
هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو، اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪنهن بلوچ پنجابي يا پختون نه پر دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي.
هن چيو ته ڪالهه اسيمبلي اجلاس ۾ متفق ٿي دهشتگردن جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ بلوچستان ۾ ٿيل واقعن جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي…..- Advertisement -
