تازه ترين

بنگلاديش پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي

- Advertisement -
بنگلاديش پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي، راولپنڊي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش، پاڪستان کي ڏهن وڪيٽن تان هارائي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ڪري ورتي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ڇهن وڪيٽن جي نقصان 448 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگلز ۾ 565 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ رڳو 146 رنسون ٺاهي سگهي ۽ بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو 30 رنسن جو حدف ڏنو. پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ محمد رضوان 51 نمايان رهيو. بنگلاديش جي ٽيم 30 رنسن جو حدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي. مشفق الرحيم کي ميچ آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي سرسي حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
55 %
2.4kmh
85 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
24 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون