- Advertisement -
سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ چيو آهي ته ترقياتي ڪمن ۾ دير هجڻ جو سبب فنڊن جي گهٽتائي ته آهي پر ذميوار آفيسرن جي غير سنجيدگي به آهي، حيدرآباد ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم خاص طور تي آٽوڀان روڊ کي جلد تعمير ڪيو ويندو.
حيدرآباد ۾ ترقياتي ڪمن تي نظرثاني جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ چيو ته جڏهن هو ڪمشنر حيدرآباد هو ته ان دوران سموريون رنڊڪون ختم ڪري شهر مان ناجائز اڏاوتون ختم ڪرائي روڊ رستا تعمير ڪرايا.
هن چيو ته ڪٿي بجيٽ جام آهي ته وري ڪٿي بجيٽ تمام گهٽ آهي پر جنهن اسڪيم ۾ بجيٽ موجود آهي اتي آفيسرن جي لاپرواهي ۽ سستي سبب ڪم ٿي نه ٿا سگهن ان لاءِ جيڪڏهن ادارا ۽ انهن جا سربراھ سستي ڪندا ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿي نه سگهندا.
چيف سيڪريٽري سي آصف حيدر شاهه اجلاس کانپوءِ پريس ڪلب پهتو، جتي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته حيدرآباد جي آٽوڀان روڊ ھالاناڪا وٽ بينظير فلا اور سميت شهر جي سمورين ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان اجلاس ۾ تفصيلي ڳالھه ٻولھه ٿي آھي.
سندس چوڻ هو ته ڪوشش هوندي ته هلندڙ سال جي آخري مهيني تائين 60 کان 70 سيڪڙو ڪم پورو ڪيو وڃي.
چيف سيڪريٽري سنڌ ايڇ ڊي اي جي اسڪيم گلستان سرمست جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ان اسڪيم ۾ ڪهڙي رنڊڪ آهي ۽ الاٽين کي پلاٽ ڇو نه ٿا ڏنا وڃن ان جي جاچ ڪري ذميوار ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
