- Advertisement -
ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقرا ۾ بم ڌماڪي سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ترڪ فوج حملو ڪندڙ ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
ترڪ گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڌماڪو ايوي ايشن هيڊڪوارٽر ٻاهران ٿيو، دهشتگردن ڌماڪي بعد فائرنگ ڪئي.
ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا.
ترڪ فورسز موقعي تي ڪارروائي ڪري ٻنهي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
واقعي بعد ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ترڪ گهرو وزير سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته دهشتگرد حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿيا آهن.
هن چيو ته ڪندڙ دهشتگرد سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويا آهن.
صدر آصف علي زرادري ۽ وزيراعظم شهبازشريف انقرا ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.- Advertisement -
