تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ترڪيا جو صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو

- Advertisement -
ترڪيا جو صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو. پڌرائي موجب ترڪيا جو صدر رجب طيب اردگان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي، ترڪيا جون مشهور ڪاروباري شخصيتون به ترڪ صدر سان گڏ آهن. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيا جي صدر جي آجيان ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي آمد تي سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي به ڏني وئي، روايتي لباس پهريل اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر کي ڀليڪار ڪيو. ملٽري بينڊ به روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جي آجيان ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي هوائي حدن ۾ پاڪ  فضائيه جي جهازن فضائي آجيان ڪئي. پڌرائي موجب پاڪ  ايئرفورس جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي پنهنجي سڪيورٽي ۾ اسلام آباد آندو. ترڪ صدر رجب طيب اردگان دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون به ڪندو. وزيراعظم ۽ ترڪ صدر پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون به ٿينديو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون