- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪشمور کان رپورٽ گهري ورتي.
جمال پوليس ٿاڻي جي حد تنگواڻي لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران ڏوهارين جي حملي ۾ اهلڪار اسماعيل ڏاهاڻي شهيد ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس جي نفري پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جڏهن ته ڏوهاري ڪچي طرف فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا .
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪشمور کان رپورٽ گهري ورتي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار ايس ايس پي ڪشمور کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.- Advertisement -
