- Advertisement -
تنگواڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروائي ڪري نندواڻي گينگ جي سربراهه سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي تنگواڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي نندواڻي گينگ جي سربراهه سميت ٽن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن جي سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڪئي وئي، ڪارروائي دوران نندواڻي، بنگلاڻي ۽ چولياڻي گينگ جا 15 کان وڌيڪ ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته خانو نندواڻي ۽ ٻين جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو..
ترجمان رينجرز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏوهارين جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو……….- Advertisement -
