- Advertisement -
سوئي ناردرن گئس ڪمپني (ايس اين جي ايس) سال ۾ ٽيون ڀيرو گئس اگهن ۾ واڌ جي گــُهر ڪري ورتي.
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ذريعن موجب سوئي ناردرن هڪ ڀيرو ٻيهر گئس اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪندي گئس جي قيمت 4 هزار 489 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا اڄ گئس اگهن بابت ٻڌڻي ڪندي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهيته گئس جا اگهه وڌڻ سان بلن ۾ سراسري طور 155 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.- Advertisement -
