- Advertisement -
راولپنڊي جي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشاخانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت مسلسل غير حاضري تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتار وارنٽ جاري ڪندي سندس اڄ حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي.
عدالت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ضامن کي به نوٽيس جاري ڪندي چيو ته اوهان جا ضمانتي بانڊ ڇو نه ضبط ڪيا وڃن.- Advertisement -
