- Advertisement -
توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌري خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌري عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا.
عدالت ۾ جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌائي وئي، جنهن تي ٻنهي چارج شيٽ ۾ لڳل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي سورهن جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف جيل ۾ ٽرائل جي منظوري ڏني وئي هئي…….- Advertisement -
