- Advertisement -
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس بابر ستار جي فيملي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا مهم خلاف توهين عدالت ڪيس 3 جون تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بينچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق به بينچ ۾ شامل آهن.
رجسٽرار آفيس پهريان 6 جون تي ڪيس مقرر ڪيو هو، هاڻي 3 جون تي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
23 مئي تي لارجر بينچ جي عدم دستيابي سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي هئي.
عدالت ايف آءِ اي، پي ٽي آءِ ۽ آءِ بي کان رپورٽ پڻ طلب ڪري رکي آهي.- Advertisement -
