تازه ترين

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آمريڪا ۾ ٽورنامينٽ کي چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آمريڪا ۾ ٽورنامينٽ کي چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ چئلينج کان گهٽ ناهي، هو سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏي چڪا آهن، هاڻي ٽرافي کٽڻ چاهين ٿا، عالمي ايونٽ ۾ قومي ٽيم شوقينن کي مايوس نه ڪندي. پي سي بي پوڊ ڪاسٽ کي انٽرويو ڏيندي بابر اعظم چيو ته هو ٽيم جي حالتن جي حساب بيٽنگ ڪندو آهي، سندس بيٽنگ اسٽائيل اهڙو ناهي ته وڃڻ سان کي ڇڪا هڻڻ شروع ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو شيڊول سٺو آهي، آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ايونٽ ٿي رهيو آهي ان لاءِ مختلف گرائونڊ ۽ ماحول هوندو. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هڪ نئون تجربو ۽ نئون چئلينج هوندو، ڪنڊيشنز جي گهڻي ڄاڻ ناهي پر هو ايونٽ ۾ پهريان معلومات حاصل ڪري پاڻ کي مقابلي لاءِ تيار ڪندا. هن چيو ته هو ڪپتان جي حيثيت ۾ ٽيون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏي رهيو آهي، هو سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏي چڪا آهن، هاڻي ٽرافي کٽڻ چاهين ٿا، عالمي ايونٽ ۾ قومي ٽيم شوقينن کي مايوس نه ڪندي. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي پرستارن جي نالي پيغام ۾ چيو ته هو ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪن، سندن پوري ڪوشش هوندي ته هو سئو سيڪڙو پرفارم ڪن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون