تازه ترين

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 14 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 14 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته ڌرڻو ملتوي ڪري رهيا آهن ختم نه، اڄ ڌرڻي واري هنڌ جلسو ڪري ڌرڻي کي ملتوي ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪندا، حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته ڌرڻو ٻيهر شروع ٿيندو. ان کان اڳ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه لياقت بلوچ چيو ته هنن ڌرڻي ذريعي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. لياقت بلوچ چيو ته 26 جولاءِ تي هو ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، سندن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد گهرو وزير ۽ اطلاعات واري وزير رابطو ڪري مطالبن تي ڳالهين جي دعوت ڏني. لياقت بلوچ چيو ته ڪمشنر آفيس ۾ حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جا 4 دور ٿيا، اڄ ڳالهين جو پنجون دور هو. لياقت بلوچ چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت آءِ پي پيز جي معاهدن جي جي مڪمل جاچ ڪندي ۽ هڪ ٽاسڪ فورس هڪ مهيني ۾ آءِ پي پيز بابت پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. لياقت بلوچ چيو ته حڪومت آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني لاءِ خانگي شعبي مان ماهرن جي چونڊ ڪندي،  ان کان علاوه حڪومت پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ مرحليوار طريقي تي اتفاق ڪيو آهي. لياقت بلوچ چيو ته مطالبن جي دستاويزن تي وفاقي وزيرن محسن نقوي ۽ عطا تارڙ صحيح ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بجلي جا اگهه تمام جلد گهٽ ڪيا ويندا، سڀني جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي. گهرو وزير چيو ته جماعت اسلامي پنهنجا مطالبا نظم و ضبط سان پورا ڪيا آهن، جماعت اسلامي پرامن طريقي سان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ ڳالهيون ڪيون، الله تعالٰي هر سياسي جماعت کي اهڙو پرامن احتجاج ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون