تازه ترين

فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس ۽ سروسز چيف جي ارشد نديم ۽ قوم کي مبارڪباد

- Advertisement -
آءِ ايس پي آر پيرس اولمپڪس ۾ 40 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم سميت قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف پاڪستان آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد صديقي ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم سميت سموري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ارشد نديم انفرادي طور تي گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پهريون پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ شاندار ڪاميابي ارشد نديم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ارشد نديم جي فتح سموري قوم لاءِ مشعل راهه آهي، سندس ڪاميابي پاڪستاني ٽيلنٽ ۽ عزم جو هڪ ثبوت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون