- Advertisement -
حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته جمهوريت ۾ مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ممڪن آهي، اميد آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ڪندي، هو مخالف ڌر جي مطالبن تي 31 جنوري کان پهريون جواب ڏيندا.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ ستن پارٽين جا نمائندا شامل آهن، ڳالهين ۾ ڪوبه معجزو ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ٻاهر جتي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ٿينديون رهن، ساڻن جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن انهن سان واسطو آهي.
حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف جي لکت ۾ مطالبن بعد حڪومت اتحادي پارٽين سان صلاح مشورو ڪندي، مطالبن کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ويندو.
هن چيو ته اميد آهي ته اڄ تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن پارٽيون مطالبا لکت ۾ حڪومت کي پيش ڪنديون، جمهوريت ۾ مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ممڪن آهي.
حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اميد آهي ته ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌنديون، هو مخالف ڌر جي مطالبن تي 31 جنوري کان پهريون جواب ڏيندا.- Advertisement -
