- Advertisement -
جنگ بندي جي ڪوششن دوران غزه تي اسرائيل جي بمباري آهي، بمباري ۾ وڌيڪ 24 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جا محفوظ قرار ڏنل علائقن تي به حملا جاري آهن جنهن سبب 40 فلسطيني زخمي ٿيا.
عرب ميڊيا موجب ڏکڻ غزه، المواسي، شيخ رضوان، الزيتون ۽ غزه سٽي تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري آهي، اولهه ڪناري ۾ تلڪرم ڪيمپ ۾ هڪ فلسطيني شهيد ٿي وي جڏهن ته صيهوني فوج 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ شهيدن جو انگ 45 هزار 361 ٿي ويو جڏهن ته زخمي جو تعداد هڪ لک 7 هزار 803 تائين پهچي چڪو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ بندي تي اڳڀرائي نه ٿي سگھي، حماس اسرائيل جي نين شرطن کي معاهدي ۾ دير جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو.
حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي نين شرطن سبب جنگ بندي ۾ دير ٿي رهي آهي.
حماس ترجمان موجب، اسرائيل فوجين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ شهرين جي واسي لاءِ نيون شرطون رکيون آهن.- Advertisement -
