- Advertisement -
شام جي صوبي طرطوس ۾ فورسز ۽ هٽايل صدر بشار الاسد جي حامين ۾ جهڙپن دوران 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بشار الاسد جي ملٽري جسٽس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر محمد ڪانجو حسن جي گرفتاري دوران جهڙپون ٿيون.
شامي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته محمد حسن ڪانجو جي گرفتاري لاءِ ويندڙ ٽيم تي حملو ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته محمد حسن ڪانجو کي بدنام زمانه سيد نايا جيل ۾ ظلمن جو ذميوار سمجهيو ويندو آهي..- Advertisement -
