جي ڊي ايَ وارا پنهنجي ٻولي سڌارن نه ته کين ان ئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ به ايندو آهي: شازيا مري

- Advertisement -
پ پ جي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو آهي ته جي ڊي ايَ وارا پنهنجي ٻولي سڌارن نه ته کين ان ئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ به ايندو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته 8 فيبروري تي چونڊن  ۾ سنڌ جي عوام پ پ مخالفن کي شڪست ڏني، جي ڊي اي وارا رڳو چونڊن ۾ ظاهر ٿيندا آهن. هن چيو ته غنڊاگردي ۽ مختلف سازشن باوجود عوام پنهنجو فيصلو پ پ جي حق ۾ ڏنو، خيرپور جي عوام صدر الدين شاهه راشديءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ڏني. شازيا مري چيو ته صدر الدين شاهه پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن کان مدد گهري رهيو آهي؟ هن ملڪ جو وارث عوام آهي، اها ڳالهه جي ڊي ايَ کي سمجهڻي پوندي، پيرپاڳاري جي مريدن به پ پ کي ووٽ ڏنو، انهن جا هو  ٿورائتا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون