- Advertisement -
جيئي سنڌ هلچل جي باني جي ايم سيد جي 120هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وئي.
سن ۾ درياءَ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي.
صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ، سيد زين، روشن ٻرڙيَ، ڏاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.
راڳ رنگ جي محفل کانپوءِ اڳواڻن ريلي جي صورت ۾ جي ايم سيد جي مزار تي پهتا ۽ گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.
سالگرهه جي موقعي تي سيد جي فڪر ۽ نظريي سان واڳيل مختلف ڌڙن طرفان اڄ جلسا پڻ رٿيا ويا آهن..- Advertisement -
