- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جيڪو جج مداخلت ڏسي ڪجهه نه ڪري ان کي گهر وڃي ويهڻ گهرجي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته 76 ورهين کان ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هو ڊنل ڇو آهن، سچ ڇو نه پيو ڳالهايو وڃي، عدليا ۾ مداخلت تسليم ڪئي وڃي، عوام کي حقيقت ٻڌائڻ کان ڊڄڻ نه گهرجي، کين ملي ڀڳت جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ اسلام آباد هائيڪورٽ جي جج کي ڌمڪين واري خط تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اربع تائين جو وقت گهري ورتو.
جسٽس اطهر من الله پنهنجو اضافي نوٽ پڙهيو.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ايجنسينن کي ڪنٽرول ڪري ٿي، تنهنڪري حڪومت الزامن جو جواب ڏي، ان کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته هائيڪورٽ جي ججن نشاندهي ڪئي ته مداخلت جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها مطمئن ڪري ته مداخلت نه ٿي رهي آهي.
پاڪستان بار ڪائونسل جي وڪيل دليل ڏنا ته هو ڇهن ججن جي معاملي تي جڊيشل جاچ چاهن ٿا، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جج تي ٻڌل ڪميشن جوڙي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.
سپريم ڪورٽ بار جي به عدالت ۾ پنهنجون تجويزون جمع ڪرايون.
تجويزن ۾ چيو ويو ته بار عدليا جي آزاديءَ تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي ۽ عدليا ۾ مداخلت ڪندڙ خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ بار جي تجويزن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد هائيڪورٽ کي ڪنهن به قسم جي مداخلت تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها، هائيڪورٽ طرفان توهين عدالت جي ڪارروائي نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
جسٽس اطهر من الله چيوته 19-2018ع ۾ هائيڪورٽن جو سڀ کان وڏو چئلينج سپريم ڪورٽ طرفان مسئلن تي خاموشي اختيار ڪرڻ هو.
هن چيو ته لڳي ٿو ته پاڪستان بار ڪائونسل جيڪي سفارشون تيار ڪيون اهي هائيڪورٽن جي جواب جي روشنيءَ ۾ ناهن.
جسٽس جمال مندو خيل چيو ته مداخلت ته ٿي رهي آهي پر حڪومت ڪجهه به نه پئي ڪري.
جسٽس اطهر من الله چيو ته 76 ورهين کان ملڪ ۾ ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هو ڊنل ڇو آهن، سچ ڇو نه پيو ڳالهايو وڃي، کين عدليا ۾ مداخلت تسليم ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته هو ان دليل سان اتفاق نه ٿو ڪري، جيڪڏهن ائين آهي ته اوهان کي هٿ نه ويهڻ گهرجي، جيڪو جج مداخلت ڏسي ڪجهه نه ڪري ان کي گهر وڃي ويهڻ گهرجي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته رڳو هن نه پر اٽارني جنرل به اهِا ڳالهه چئي آهي، حڪومت به مداخلت تسليم ڪري رهي آهي، سمورين هائيڪورٽن ڇهن ججن کان به وڌيڪ سنگين جواب جمع ڪرايا آهن.
هن چيو ته هڪ هائيڪورٽ ته ائين به چيو آهي ته مداخلت آئين سان چراند آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته اها مداخلت نه فيض آباد ڌرڻو ڪيس سان نه رڪجي نه ئي ڪنهن ٻي شيءِ سان، ججن واضح ڪيو ته مداخلت هڪ هلندڙ سلسلو ۽ لاڙو آهي.
هن چيو ته اوهان ٻڌايو ته اهڙو ڪهڙو ڊپ پيدا ڪيو وڃي جو هي سلسلو رڪجي وڃي، اٽارني جنرل پاڻ تسليم ڪري رهيو آهي ته 2018ع ۾ ڇا ٿي رهيو هو؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڀني کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته قسم کنيو وڃي ته وڪيلن جي مداخلت به روڪي ويندي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته 2018ع ۽ 19ع ۾ هائيڪورٽ جي آزاد ججن لاءِ وڏو چئلينج سپريم ڪورٽ جي ملي ڀڳت هو.
هن چيو ته عوام کي حقيقت ٻڌائڻ کان ڊڄڻ نه گهرجي، کين ملي ڀڳت جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ملي ڀڳت آهي ته بئنچ ۾ ويهڻ جو ڪو به جواز ئي ناهي.
سپريم ڪورٽ ججن جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
