9 مئي واقعا ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي: ڊي جي  آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي  آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي واقعا ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ سياسي ٽولي سان ڳالهيون نه ٿينديون، ڏڦيڙي ٽولو سچي دلي سان عوام کان معافي وٺي ۽ نفرت جي سياست ڇڏڻ جو واعدو ڪري تعميري سياست ۾ حصو وٺي، 9 مئي تي هو جڊيشل ڪميشن لاءِ تيار آهن پر پوءِ پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملي جي به  جاچ ٿيندي، ڪميشن ان جي به جاچ ڪندي ته 2014ع واري ڌرڻي جا ڪهڙا مقصد هئا. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شري ف چيو ته پڪيون شاهديون موجود آهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جي جواب ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن خلاف ڪارروائي ڪئي دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي چٿڻ تائين هو هر حد تائين ويندا، فوج جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ  آهي. ڊي جي آءِ  ايس پي آر چيو ته بشام ۾ چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي جو ڪڙيون به سرحد پار سان ملن ٿيون، ان حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي، پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جو مقصد معاشي ترقي کي نقصان پهچائڻ آهي. هن چيو ته گوادر پورٽ اٿارٽي ڪالوني تي حملو فوجي جوانن ناڪام بڻائيندي اٺن دهشتگردن کي ماريو، دهشتگردي جون ناڪام ڪارروايون ثبوت آهن ته فورسز  دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنديون پاڪستان ۾ ٻن شهرين کي قتل ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، ڀارتي فوج ايل او سي تي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي ٿي، ان  جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي. ميجر جنرل احمد شر يف چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي وڌائي پيش ڪيو ويندو آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن جون ڪڙيو به پرڏيهه سان ملن ٿيون، پاڪستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، انهن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پنهنجا فوجي اڏا نه ڪنهن کي ڏنا آهن نه ئي ڏيندو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ججن کي ڌمڪين واري خط وارو معاملو عدالت ۾ آهي، بنا ثبوتن جي ڪنهن تي الزام لڳائڻ مناسب ناهي. هن چيو ته بهاولنگر ۾ افسوس ناڪ واقعو ٿيو، پر پوليس ۽ فوجي آفيسرن گڏجي معاملو حل ڪري ورتو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته  9 مئي فوج نه پر سموري پاڪستان جي عوام جو ڪيس آهي، 9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙڻ کي آئين موجب سزا ڏيڻي پوندي، کين سزا نه ڏني وئي ته ملڪ ۾ ڪنهن جي به جان ۽ مال محفوظ نه رهندي، سزا ۽ جزا جي نظام تي يقين برقرار کرڻ لاءِ کين جلد سزائون ڏنيون وينديون. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جڊيشل ڪميشن ان تي ٺهندي آهي جنهن بابت ڪو مونجهارو هجي، هت ته سڀ ڪجهه واضح آهي، سچ کليل نموني سامهون اچي ويو ته فالس فليگ  آپريشن جي پروپيگنڊا ڪئي وئي، هو 9 مئي تي جڊيشل ڪميشن لاءِ  تيار آهن پر پوءِ هو مڪمل جاچ ڪندا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جڊيشل ڪميشن ان ڳالهه جي به جاچ ڪندي ته 2014ع واري ڌرڻي جا ڪهڙا مقصد هئا، پارليامينٽ ۽  پي ٽي وي جي حملي جو جائزو ورتو ويندو ته ڪهڙيءَ ريت ماڻهن کي رياست خلاف بيهڻ جي همٿ ڏني وئي، بجليءَ جا بل ساڙيا ويا، ڪي پي کان اسلام آباد تي ڪاهه ڪئي وئي، آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويا، پاڪستان کي پيسا نه ڏيڻ لاءِ  لابنگ ڪئي وئي، ڪٿان فنڊنگ ٿي رهي هئي، سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف ڪير نفرت پکيڙي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڪا سياسي سوچ، ليڊر يا ٽولو پنهنجي فوج تي حملو ڪري ۽ قوم جي توهين ڪري ته ان سان ڪي به ڳالهيون نه ڪندو، سياسي ڏڦيڙي ٽولي سان ڪا به ڳالهه  ٻولهه نه ٿيندي،  ان ٽولي کي هڪ ئي رستو آهي ته سچي دل سان معافي وٺي ۽ نفرت جي سياست ڇڏي واعدو ڪري ته تعميري سياست ۾ حصو وٺندي. ميجر جنرل احمد شريف چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 47 سيڪڙو هو، ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهن ووٽ ڏنو، مخصوص پارٽيءَ کي هڪ ڪروڙ 85 لک ووٽ مليا، باقي ستر سيڪڙو ووٽ سندن موقف کي نه مليو، اڪثريت ٻئي پاسي هئي، مجموعي آباديءَ جي حسات سان رڳو 7 ڏهائي 5 سيڪڙو ماڻهن ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا، 93 سيڪڙو آبادي هنن سان گڏ ناهي بيٺي. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ فوج جي مداخلت جو ڪو ثبوت آهي ته معاملو لاڳاپيل فورم ۾ اٿاريو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي، جمهوريت خطرو رڳو غير جمهوري روين مان آهي، چيو ويندو آهي ته فوج اوور ٽيڪ يا ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪ فوج کي سياست ۾ ڦاسائڻ ڪنهن به حق ۾ بهتر ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سعودي عرب تي رجيم چينج جو الزام لڳائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
22%
2.8m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون