حب : ڪنڊ ڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. حب جي ڪنڊ ڳوٺ ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورهين جو عباس ۽ 30 ورهين جاويد ٿڏي تي قتل ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. عباس ۽ جاويد جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنڊ ڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون