- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي سربراهه ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حماس سان يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ناڪام ٿيون ته غزه ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿيندي.
اسرائيلي ڪمانڊرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف ايال ضمير چيو ته غزه ۾ جنگ بندي نه پر آپريشنل صورتحال ۾ تبديلي ٿي رهي آهي.
اسرائيلي فوج جي سربراهه چيو ته فوجي آپريشن مان حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي سياسي ڳالهين ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن سياسي ڪوشش ڪامياب نه ٿي ته هو ٻيهر جنگ ڏانهن موٽندا.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پنهنجي جارحيت جاري رکي رکندي هر محاذ تي دشمن کي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ سڄي وچ اوڀر ۾ حقيقت کي تبديل ڪري رهيو آهي.- Advertisement -
