تازه ترين

حماس غزا ۾ جنگبندي بابت آمريڪي صدر جي بيان تي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
حماس جي عسڪري قائد يحييٰ السنوار، غزا ۾ جنگبندي بابت روڊ ميپ جي حوالي سان آمريڪي صدر جوبائيڊن جي بيان تي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي. امريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حماس اڳواڻ ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ڪندڙن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو آمريڪي صدر جوبائيڊن جي روڊ ميپ کي ان وقت تائين قبول نه ڪندا، جيسيتائين اسرائيل مستقل جنگبندي جي خاطري نه ٿو ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اسرائيل به ٽياڪڙن کي آگاهه ڪيو آهي ته اسرائيل آمريڪي روڊ ميپ بابت حماس جي موقف جو سڀاڻي تائين انتظار ڪندا، جنهن بعد جنگ ۾ وڌيڪ تيزي ڪئي ويندي. مصر جي ميڊيا موجب، فلسطيني پارٽين الفتح، اسلامي جهاد ۽ پاپولر فرنٽ فار لبريشن آ فلسطين جي وفدن مصر جي حڪومتي عملدارن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ ملاقاتون به ڪيون ويون آهن، ان کان سواءِ حماس جي اڳواڻن به ڳالهيون ڪيون آهن. ميڊيا رپورٽ موجب حماس جي قيادت جنگبندي معاهدي بابت مثبت اشارا ڏنا آهن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28 ° C
28 °
28 °
37 %
2.7kmh
29 %
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون