- Advertisement -
حيدرآباد پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته نسيم نگر پوليس پيٽرولنگ دوران ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران مقابلو ٿي پيو.
پوليس ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ منور حسين عرف موني طور ٿي، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ڏوهاري جو ڪيڪ ڪاٽيو پيو وڃي جڏهن ته فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
