تازه ترين

ججن جي خط واري معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سينئر ججن تي ٻڌل 9 رڪني بئنچ قائم ڪئي وڃي : چوڌري اعتزاز احسن

- Advertisement -
ناليواري قانوندان چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته ججن جي خط واري معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سينئر ججن تي ٻڌل 9 رڪني بئنچ قائم ڪئي وڃي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيمز ۾ ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته خط لکندڙ جج قومي هيروز آهن، عدالتي معاملن ۾ مداخلت بند ٿيڻ گهرجي، عدليه کي به گهرجي ته ٻين ادارن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. هن چيو ته ججن جي خط واري معاملي تي هڪ طوفان ۽ ڀونچال پيدا ٿيو آهي، ججن جو خط ماڻهن جا ذهن تبديل ڪري ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته خط ڊسٽرڪٽ ججن نه پر هائيڪورٽ جي ججن لکيو آهي، ججن جي گهرن تي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته ججن خط لاڳاپيل فورمن تي موڪليو آهي، عدليه جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻين ادارن جي معاملن ۾ عدليه جي مداخلت تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي، خط جي ٽائمنگ تي سوال اٿاري ججن ۽ خط کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون