- Advertisement -
حيدرآباد پوليس ٽن مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سٽي، بلديا ۽ پنياري پوليس جا ڦورن جي گينگ سان ڌار ڌار مبينا مقابلا ٿيا جنهن دوران ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي جوابدار جي موجودگي تي سندس گرفتاري لاءِ ناڪابندي ۽ چيڪنگ ڪئي جنهن دوران ٻن شڪي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو، جن گرفتاري جي خوف کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب ناڪامي تي پوليس ۽ جوابدارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران هڪ ڏوهاري بلال جيلاني زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، مقابلي ۾ 18 کان وڌيڪ ڦرن سميت سنگين وارداتن ۾ ملوث هو، سندس تعلق ڦورن جي گينگ سان آهي.
ٻئي پاسي بلديا پوليس جو ناگو شاھ لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جنهن دوران هڪ جوابدار قربان کوسو مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، پوليس فرار ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار تي ڪراچي ۾ ٻه ڪيس داخل ھئا، سن سان گڏ ڦر جي ڪيترين ئي ڦر وارداتن ۾ ملوث هو.
پوليس جو چو آهي ته گرفتار اسٽريٽ ڪرمنل جي سڃاڻپ علي اصغر بروھي جي نالي سان ٿي آھي، جيڪو 14 ڪيسن ۾ گھربل آهي، سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارد چيڪ ڪيو پيووڃي.- Advertisement -
