- Advertisement -
حيدرآباد ۾ به نئين سال جي موقعي تي فائرنگ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ هڪ ٻار ۽ چئن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويوجتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي جي حالت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ سڀئي متاثر اڻڄاتل طرف کان ايندڙ گولين جو نشانو بڻيو.
زخمين ۾ 9 ورهين جو عبدالهادي، 20 ورهين جو ذيشان، 40 سالا مهرين عظيم، 14 سالا سيف الله، 60 سالا گلشن بانو، 17 ورهين جو انس قريشي، 12 ورهين جي عرومه، 25 ورهين جي رابعه ياسي، 24 ورهين جو ارشد حسين، 19 ورهين جو فيضان ۽ 47 ورهين جو اعظم خان شامل آهن.
اسپتال ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمين کي فوري طور تي طبي امداد ڏني وئي هاڻي سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.
پوليس عملدارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هوائي فائرنگ ڪندڙن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي- Advertisement -
