تازه ترين

حڪومت آئيني ترميمن تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ لاءِ سرگرم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ آئيني ترميمن تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪي تازي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن  آئيني ترميمن بابت به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان طرفان آئيني ترميم بابت ڏنل تجويزن جو به جائزو ورتو. وزيراعظم ۽ پ پ چيئرمين آئيني ترميمن واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شهبازشريف سان ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو. 48 ڪلاڪن دوران بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مولانا جي گهر هيءَ ٻي آمد آهي. ملاقات ۾ سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، جميل سومرو ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا، جڏن ته مولانا عبدالغفوري حيدري، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، ڪامران مرتضيٰ به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران آئيني ترميمن سميت  ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته مولانا وٽ هو ملاقات لاءِ آيا هئا، کيس چيو ته پ پ بل تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ پ ۽ مولانا جي خواهش آهي ته قانون جي بالادستي ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ نويد قمر چيو ته پ پ جو مطالبو آئيني عدالت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون