- Advertisement -
حڪومت آئيني ترميم اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف طرفان حڪومتي سينيٽرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويو.
مانجهاندي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سينيٽ جي اجلاس ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي.
هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف آئيني ترميم بابت ٻين پارٽين جي قيادت سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت بريف ڪيو، قانون واري وزير آئيني ترميم جي مسودي تي بريفنگ ڏني.
ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني ويندي، ڪابينا جي منظوري بعد آئيني ترميم سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي.- Advertisement -
