پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ته گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو : نوازشريف

- Advertisement -
ن ليگ جي صدر نوازشريف، ڀارت سان لاڳاپا ۽ ڪرڪيٽ جي بحاليءَ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي،  ڀارتي ٽيم سان پڇيو وڃي ته اهي به چوندا ته هو پاڪستان وڃي کيڏڻ چاهن ٿا . نوازشريف سان ايس سي او ڪانفرنس جي ڪوريج لاءِ آيل ڀارتي صحافين جي وفد جي ملاقات ٿي، جنهن دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته ايس سي او ڪانفرنس سان پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن جي سٺي شروعات ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ته گهڻيون شيون بهتر ٿي سگهن  ٿيون. ن ليگ جي صدر چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي،  ڀارتي ٽيم سان پڇيو وڃي ته اهي به چوندا ته هو پاڪستان وڃي کيڏڻ چاهن ٿا. نوازشريف چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس ۾ جيڪڏهن ڀارتي وزيراعظم پاڻ شريڪ ٿئي ها ته  بهتر هو. ن ليگ جي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جو ماضي سٺو ناهي رهيو، اڳتي ڏسجي ڇا ٿو ٿئي. ان موقعي تي مريم نواز چيو ته هوءَ به ڀارتي پنجاب وڃڻ چاهي ٿي، جيئن فرق ڏسي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30 ° C
30 °
30 °
30%
4.7m/s
13%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون