تازه ترين

حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو

- Advertisement -
حڪومت ۽ مخالف ڌر ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪميٽي روم نمبر پنج ۾ ٿيو. حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪميٽين جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. سينيٽر عرفان صديقي اجلاس جي پڌرائي پڙهي ٻڌائي. پڌرائي موجب، پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين جي پهرين ويهڪ ٿي، جنهن ۾ حڪومت طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عليم خان ۽ فاروق ستار شريڪ ٿيا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان ٽن ميمبرن اسد قيصر، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس ڳالهين ۾ حصو ورتو. جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٻنهي ڪميٽين طرفان ڳالهين کي هاڪاري عمل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ڪميٽي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ لکت ۾ مطالبا پيش ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٻنهي ڪميٽين اسپيڪر اياز صادق جا ٿورا مڃيا. جاري ڪيل پڌرائي ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻنهي ڪميٽين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
69 %
3kmh
99 %
خميس
24 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
25 °
آچر
23 °
سُومر
29 °

تازه ترين خبرون